مواد ڏانھن هلو

مُک صفحو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڪيپيڊيا تي ڀليڪار
سنڌي ۾ 19,129 مضمون آهن.

چونڊ مضمون

ريٻاري، اُٺ چاهيندڙن جي هڪ ذات- تشريح الاقوام (1825)

ريٻاڙي ماڻهو (جن کي ريٻاري، رائڪا، ديسائي ۽ ديواسي ماڻهو پڻ سڏيو ويندو آهي، جيڪي راجستان ، گجرات جي ڪڇ علائقي، مهاراشٽر ، هريانا ، هندستان جي پنجاب ۽ پاڪستان جي سنڌ صوبي مان هڪ ذات ٽولو آهن. اهي روايتي طور تي اُٺ چاريندڙ هئا پر هاڻي انھن رڍون ۽ ڍور پالڻ شروع ڪري ڇڏيا آهن. ريٻاڙي اُٺن تي چڙھي تير، تلوار، بڙڇيون ۽ ڀالا ھلائي جنگ ڪرڻ ۾ ماھر ھُئا.

خبرن ۾

يحيٰ سنور
يحيٰ سنور


ڇا توھان ڄاڻو ٿا؟

لينسڊائون پل سکر
لينسڊائون پل سکر
  • ... تہ پوتر رومي سلطنت ذريعي ڪوشش ڪئي وئي، تہ سڀني مسيحي ملڪن کي مذهبي جذبي تحت ملائي هڪ ئي رياست قائم ڪئي وڃي.
  • ... تہ لوھاڻڪو اسڪرپٽ سنڌي ٻوليءَ جو قديم رسم الخط هو، جنھن کي ٺٽي ۽ برھمڻ آباد ۾ لوھاڻا استعمال ڪندا ھئا.
  • ... تہ سکر لئنسڊائون پل (تصوير) جو خاڪو جان جيڪب ٺاھيو ھو جيئن سکر ۽ روهڙيءَ کي گڏائي سگهجي.
  • ... تہ سنڌ ۾ ٽپال پهچائيندڙ گهوڙي يا اُٺ کي اولاڪ سڏيو ويندو ھو، ۽ اھي ھر چئن ڪوهن تي بدلبا هئا.
  • ... تہ ٺيڙھي ڪوس کي سنڌ ۾ شيعن مٿان ٿيندڙ پھرين حملي طور ڏٺو وڃي ٿو، جنھن ۾ 118 ماڻھن کي قتل ڪيو ويو ھو.

اڄ جو قول

”سنڌ جي ماڻھن کي ايترو ته بکيو رکيو ويو آھي جو مانيءَ لاء جھيڙيندي انھن کان پنھنجي #ڌرتي جي وارثي ڪرڻ ئي وسري وئي آھي ۽ اھو به #بک جو ئي نتيجو آھي جو #سنڌي_قوم جو ھر ماڻھو اجتمائي مفاد بدران انفرادي مفاد طرف ڊوڙي پيو.“ ـ جوڳي اسد راڄپر #ج_ا_ر

اڄ جو لفظ

3

پاڃاري
هڪ قسم جو زرعي اوزار آهي.
نار، ڍڳي گاڏي، ڇَڪڙي ۾ جانور جوٽڻ لاءِ ڪم ايندي آهي.
پاڃاري جو جمع پاڃاريون ٿيندو.


ڇا توهان به لکڻ چاهيو ٿا؟

سنڌي وڪيپيڊيا تي هن وقت 19,129 مضمون موجود آهن، جيڪڏهن اوهان ڪنهن به موضوع تي لکڻ چاهيو ٿا ته پهرين هن ڳولا صفحي تي وڃي عنوان لکو، ممڪن آهي جيڪو مضمون اوهان لکڻ چاهيو ٿا اهو اڳ موجود هجي، جيڪڏهن مضمون ڳولا ۾ نه اچي ته پوءِ نئون مضمون تحرير ڪيو.


يا
نئون مضمون لکڻ جي لاءِ آرٽيڪل وزرڊ آزمايو

بھترين مضمون

سنڌو
سنڌو

ڇيڄ جو ناچ دريا پنٿي هندو سانوڻيءَ جي موسم ۾ دريا شاهه تي ناريل جي ڀيٽا چاڙهيندا هئا، ان لاءِ بحراڻو ڪڍندا هئا. هڪ نواڙ جي منجي جنڊيءَ لٿل، ان ۾ وڏو ٽامي جو ٿالهه رکي، اٽي مان ٺهيل ڏيئا سچي گيهه ۾ ٻاري ٿالهه ۾ رکندا هئا. ان سان گڏ مصري پتاشا ۽ مٺايون وغيره رکي اگربتيون ٻاريندا هئا. ان سڄي ٽڪساٽ کي بحراڻو ڪوٺيندا هئا. پوءِ دهلاري بحراڻو وڄت، جيڪا تکي ڪلواڙي سان ملندڙ هئي ۽ ٻيا ساز وڄائيندا هئا ۽ دريا پنٿي گهنگهرن سان جنڊي چڙهيل ڏونڪا هٿن ۾ کڻي پِڙُ ڪري ڇيڄ هڻڻ شروع ڪندا هئا ۽ ڪي جهانجهه وڄائيندا هئا. ناچو، ڏانڊيا ڏانڊين تي هڻي ناچ وجهندا هئا. ڪجهه وقت کان پوءِ دهلاري ٽڪي وٺڻ تي ناچ بند ڪري چوندا هئا: لال جا جهاٽي، چئو جهولي لعل ٻيا بيٺل چوندا هئا جهولي لعل!

اڄ جو ڏينھن

ڇنڇر 31 مَئي 2025ع مطابق 3 ذوالحج 1446ھ


وڪيپيڊيا:چونڊ ڏينهن/مَئي 31

وڪيپيڊيا جو حصو ٿيو!

وڪيپيڊيا هڪ کليل ۽ گھڻ لساني انسائيڪلوپيڊيا آهي، جنهن تي اسان سڀ گڏجي لکندا ۽ سنواريندا آهيون. وڪيپيڊيا جي شروعات جنوري 2001ع ۾ ٿي، جڏهن ته سنڌي وڪيپيڊيا جو اجراع 2006ع تي عمل ۾ آيو. هن وقت سنڌي وڪيپيڊيا تي 19,129 مضمون موجود آهن.
وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي.
وڪيميڊيا فائونڊيشن وڪيپيڊيا معلومات جي درستگي ۽ معتبريت بابت ڪا بہ ضمانت نٿي ڏئي ترميم ڪندڙ پنهنجي ترميمن جا ذميوار پاڻ آهن.
اسان سان رابطو ڪريو مدد کپي؟ اسان سان رابطو ڪريو.
اسان سان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ: ، ، ، ۽ ۾ گڏجو.
(ياد رهي تہ هي سنڌي وڪيپيڊيا سٿ جو اَڻ دفتري (اَن اوفيشل) سٿ ۽ واپرائيندڙ جي پنهنجي ڪوشش آهي)