مواد ڏانھن هلو

نيون

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون ڪيميائي تت تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ نيون (سلجھائپ) ڏسو.
نيون
10Ne
Neon
Official logo of نيون
حالت (STP تي) گئس
ايٽمي انگ (Z) 10
ايٽمي وزن (A) 20.18
گروپ 18 (نوبل گئس)
سيريز 2
بلاڪ p-block
اليڪٽران جي ترتيب He + 2s2 2p6
اليڪٽران في شيل 8 ، 2
ايٽمي ريڊيس 54 پيڪو ميٽر
آئيونائزيشن انرجي (ڪلو جول في مول) پهريون:2080.7
ٻيون:3952.3
ٽيون:6122
آڪسائيڊيشن نمبر 0، ڪوبه نه
گھاٽائي (STP تي) 0.9002 گرام في ليٽر
وجود قديم (Primordial)
زوال جي تفصيل ڪوبه نه
Government
طبيعي خاصيتون
 • اُبلڻ جو نقطو 27.104°K (-248.59°C)
 • پگھلڻ جو نقطو 24.56°K (-248.59°C)
 • پگھرائڻ لاء حرارت 0.335 ڪلو جول في مول
 • ٻاڦ جي حرارت 1.71 ڪلو جول في مول
 • مولر گرميء گنجائش 20.79 جول في مول.ڪيلون
نيون

نيون (Neon) هڪ ڪيميائي تَتوَ (عنصر) آهي. ھن جو نشان "Ne" ۽ ايٽمي نمبر (Z) "10" آهي. اهو دوري جدول ۾ نوبل گئسن ۾ ٻئي نمبر تي آهي.[1] نيون هڪ بي رنگ، بي بوء ۽ معياري حالتن هيٺ، هڪ غير فعال، موناٽومڪ گئس آهي.

نيون جي دريافت سال 1898ع ۾ ڪرپٽن ۽ زينون سان گڏ ٿي. ان جي دريافت تي، هڪ مخصوص روشن ڳاڙهي اخراج واري اسپيڪٽرم ذريعي نشان لگايو ويو، جيڪو ان کي هڪ نئين عنصر طور فوري طور تي تسليم ڪرڻ جو سبب بڻيو. نيون نالو يوناني لفظ "νέον" مان نڪتل آهي، جنهن جي معنيٰ آهي 'نئون'. نيون ڪيميائي طور تي غير فعال گئس آهي، پر نيون جا مرڪب موجود آهن. اها بنيادي طور تي آئنڪ ماليڪيول آهن جيڪي وان ڊير والز قوتن پاران گڏ رکيا ويا آهن.

ڪائنات ۾ نيون جي سنٿيسس، گهڻو ڪري، الفا-ڪيپچر عمل ذريعي، آڪسيجن ۽ هيليئم تارن جي اندر ايٽمي فيوزن جي نتيجي ۾ ٿي آهي. ڪائنات ۽ شمسي نظام ۾ ان جي وڏي موجودگي جي باوجود، (هائيڊروجن، هيليم، آڪسيجن ۽ ڪاربان کان پوءِ ڪائنات ۾ پنجين نمبر تي)، نيون زمين تي نسبتاً گهٽ آهي. نيون جي فضا ۾ فوري طور تي تحليل ٿيڻ جي صلاحيت (volatility) ۽ مرڪب، جيڪا ان کي مضبوط سان گڏ رکي سگهندا هئا، کي ٺاهڻ ۾ ناڪامي، زمين تي ان جي محدود موجودگي جي وضاحت ڪندا آهن.

نيون جي قابل ذڪر ايپليڪيشنن ۾، گهٽ وولٽيج نيون گلو ليمپ، هاءِ وولٽيج ڊسچارج ٽيوب ۽ نيون جي سائن بورڊ ۾ هن جا استعمال شامل آهن. اها هڪ الڳ ڳاڙهي-نارنگي رنگ جي چمڪ خارج ڪندي آهي.[2][3] ساڳي ڳاڙهي رنگ جي اخراج لائن هيليم، نيون ليزر جي خاصيت واري ڳاڙهي روشني لاءِ ذميوار آهي.

جيتوڻيڪ نيون جي پلازما ٽيوب ۽ ريفريجرينٽ جي طور تي ڪجهه ايپليڪيشنون آهن، پر ان جا تجارتي استعمال نسبتاً محدود آهن. اها بنيادي طور تي مائع هوا (Liquid Air) جي جزوي آسون (fractional distillation) ذريعي حاصل ڪئي ويندي آهي ۽ جئين تي هن جي حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو هوا آهي، ان کي هيليم کان گهڻو مهانگو بڻائي ٿو.

حوالا

[سنواريو]
  1. Group 18 refers to the modern numbering of the periodic table. Older numberings described the rare gases as Group 0 or Group VIIIA (sometimes shortened to 8). See also Group (periodic table).
  2. Coyle, Harold P. (2001). Project STAR: The Universe in Your Hands. Kendall Hunt. pp. 464. ISBN 978-0-7872-6763-6. https://books.google.com/books?id=KwTzo4GMlewC&pg=PA127. 
  3. Kohmoto, Kohtaro (1999). "Phosphors for lamps". in Shionoya, Shigeo. Phosphor Handbook. CRC Press. pp. 940. ISBN 978-0-8493-7560-6. https://books.google.com/books?id=lWlcJEDukRIC&pg=PA380.